سِجُ تريءَ هيٺان

سِجُ تريءَ هيٺان

سِجُ تريءَ هيٺان

سِجُ تريءَ هيٺان (ڪتاب): هي ڪتاب، سنڌ جي برک ۽ سُريلي (Lyrical) شاعر تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڪتاب جو مهاڳ، نامياري شاعرَ امداد حسينيءَ ’ڪوتا مارڳ- پِٿون پير‘ عنوان سان لکيو آهي. هو لکي ٿو ته: ”ڪوتا- مارڳ تي پٿون پيرن سان هلندي، رندن مٿي رت هاڻا پيرا ڇڏيندي، تنويرُ ڳچ دڳ لتاڙي آيو آهي. ’جوت جلندي رهي‘ کان ’اڃا به جاڳندا رهو‘ (شعرن) تائين، اُنهيءَ اونداهيءَ کان روشنيءَ ڏانهن واري سفر ۾، جڏهن ته تنوير جا ڪيترا ساٿاري يا ته موٽي ويا آهن يا ماڳهين دڳ ڀُلجي ويا آهن، تڏهن تنوير نه رُڳو ٿڪو ناهي، پر وک وڌائي رکڻ وارو اُتساهه ڀريو لهجو کڻي آيو آهي- ۽ اُها اُتساهڪ ڌارا ’رڳون ٿيون رباب‘ ۽ ’شعر‘ کان ويندي ’سج تريءَ هيٺان‘ تائين ڦهلي پئي آهي.“
ڊيمي سائيز، 112 صفحن ۽ نامور آرٽسٽ فتاح هاليپوٽي جي خوبصورت ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب، نذر سنز (لميٽڊ)، ڪوٽڙي والا چيمبرس، هوش محمد روڊ، حيدرآباد، 1977ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ڪچي جلد سان ڪتاب جي قيمت 10 روپيا ۽ پڪي جلد سان 15 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو